Dargah Luari Sharif http://www.luarisharif.com Thu, 23 Jan 2020 15:27:26 +0000 en-US hourly 1 https://wordpress.org/?v=4.9.13 Post 3 http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ Fri, 28 Nov 2014 09:54:35 +0000 http://www.luarisharif.com/demo/?p=311
facebook
]]>
Post 2 http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ Fri, 28 Nov 2014 09:54:34 +0000 http://www.luarisharif.com/demo/?p=310

facebook
]]>
درگاه عاليه لُواري شريف http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ Fri, 28 Nov 2014 09:54:33 +0000 http://www.luarisharif.com/demo/?p=309


درگاه عاليه لُواري شريف
ننڍي کنڊ ۾ نقشبندي سلسلي جي مکيه درگاهن مان
هڪ آهي جنهن جي فيض جي پکيڙ سنڌ ۽ هند کان نڪري يورپ ۽ آفريقا تائين پهتل
آهي. درگاه شريف سنڌ جي ڏاکڻي ضلعي بدين جي هيڊڪوارٽر کان 11 ڪلو ميٽرن جي
مفاصلي تي  ڏکڻ طرف آهي.
هن درگاه جا باني مباني حضرت سلطان الاولياء
خواجه محمد زمان صديقي قدس سره جن آهن. سندن ولادت باسعادت 21 رمضان
المبارڪ 1125هه تي قديم لواري شريف ۾ ٿي. جا موجوده لواري شريف کان 5
ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. سندن والد سڳورن جو اسم شريف خواجه عبداللطيف
رحه هو، جيڪي نقشبندي سلسلي جي نامياري ولي ۽ حضرت خواجه محمد معصوم رحه جي
مکيه خليفي مخدوم فيض الله ٺٽوي رحه جي فيض سان فيضياب هئا. سندن نسبي
سلسلو 30 پيڙهين بعد خليفه اول سيدنا صديق اڪبر حضرت ابوبڪر رضي الله
تعاليٰ عنه جي وڏي فرزند سان وڃيو ملي. نسبي توڙي حسبي طرح لواري شريف
ناميارن نيڪوڪارن جو مرڪز هو، جتي عام توڙي خاص حاضري ڀرڻ کي پنهنجو شان ٿي
ڄاتو.
حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جو ننڍپڻ انتهائي ديني ۽
پرهيزگاري واري ماحول ۾ گذريو سندن والد سڳورا حافظ القرآن هئا. پاڻ به
قرآن پاڪ سندن ئي نظرداري هيٺ پڙهي پورو ڪيائون. سندن والد سڳورن جو مٿن
تمام گهڻو راض هيو ڇاڪاڻ ته کين ڪيترن ئي نامورن جهڙوڪ مخدوم ابوالقاسم
ٺٽوي رحه ۽ وتايو فقير کان اها خوش خبري ملي چڪي هئي ته کين اهڙو فرزند عطا
ٿيندو جنهن تي ولايت جي ڪماليت ٿيندي.
سندن والد جي ساڻن انهي حقيقي
محبت کي سندن ٻيا ڀائر سمجهي نه سگهيا ۽ اُهي کين اهنجائڻ لاءِ سازشون سٽڻ
لڳا. انهيءَ ڀئو کان ته کين ڪو نقصان رسي، پاڻ ٻالڪپڻ جي عمر ۾ هڪ رات
لُواري شريف ڇڏي ٺٽي روانا ٿي ويا، جتي مخدوم محمد صادق ٺٽوي جي مدرسي ۾
پنهنجو پاڻ کي دنيوي تعليم جي حصول ۾ مصروف ڪري ڇڏيائون.
هي اهو زمانو
آهي جنهن ۾ حضرت خواجه محمد معصوم رحه جي حڪم تي مخدوم آدم ٺٽوي رحه جي
جوڙايل خانقاه ۾ حضرت خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي رحه جن جلوه افروز هئا. اها
خانقاه شريف حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جي مدرسي جي گس تي هئي ۽ پاڻ
هر روز اُتان لنگهي پنهنجو درس وٺڻ ويندا هئا. هڪ ڀيري حضرت خواجه
ابوالمساڪين ٺٽوي رحه جي نظر سندن مٿان پئي ۽ پاڻ اهو سڃاتائون ته هي
نوجوان ئي اهو ڪامل آهي جنهن جي لاءِ ورهيه اڳ حضرت خواجه محمد معصوم رحه
هن خانقاه شريف جي مخدوم آدم قدس سره جي هٿان تعمير ڪرائي. خواجه
ابوالمساڪين ٺٽوي رحه جن حضرت سلطان الاولياء قدس سره کي پنهنجي ارشاد جي
حلقي ۾ ويهاريو ۽ مٿن اها توجه فرمايائون جو سندن رجحان دنياوي تعليم کان
هٽي ويو ۽ پاڻ کي الاهي ذڪر ۽ مراقبي ۾ اهڙو ته مستغرق ڪيائون جو هڪ ڀيري
خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي رحه کين فرمايو ته هن وقت اوهان تي جيڪا ڪيفيت وارد
ٿي آهي اُها هن کان اڳ رڳو بايزيد بسطامي رحه ۽ جنيد بغدادي رحه تي وارد
ٿي هئي. اُهي ان ڪيفيت کي منزل تي نه رسائي سگهيا، مگر اوهان ضرور
پهچائيندا.
ڇهن مهينن جي قليل عرصي ۾ خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي رحه کين
ارشاد جي اجازت ڏني. نه رڳو ايترو بلڪ پنهنجي مسند ۽ خانقاه شريف پڻ سندن
حوالي فرمايائون ۽ سڀني مريدن کي حڪم ڪيائون ته جيڪو اسان جو آهي سو هن
نوجوان جي بيعت ڪري. پوءِ پاڻ به حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جي جُتي
سڌي ڪري بيعت ڪيائون. تصوف جي تاريخ ۾ اهو نه اڳ ٿيو ۽ نه پوءِ ته ڪنهن
طريقت جي شيخ پنهنجي مريد جي بيعت ڪئي هجي. پوءِ خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي
رحه هميشه لاءِ مڪه مڪرمه روانا ٿي ويا. حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن
پنهنجي مرشد جي موجودگي تائين ٺٽي ۾ رهيا. خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي رحه جي 9
ذوالحج تي وقوف عرفات دوران (1145هه) وصال کانپوءِ پاڻ قديم لواري شريف
اچي ويا. سندن والد خواجه عبداللطيف رحه جي وصال (1149هه) کانپوءِ قديم
لواري شريف جو پاڻي کارو ٿي وڃڻ ڪري 1150هه ۾ اتان لڏي اچي موجوده لواري
شريف جو ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳا.
هي اها جڳهه آهي جنهن لاءِ  روايت آهي ته جڏهن
حضرت بهاءالدين ذڪريا رحه ملتان وارو حج جي سفر دوران اتان لنگهيو هو ته
گهوڙي تان لهي پيو ۽ جتي لاهي هٿ ۾ ڪيائين. اصحابن جي پڇڻ تي فرمايائين ته
هن جڳهه تي الله جو نور پيو وسي جنهن جي ادبيت بجا آندم.
لواري شريف ۾
سندن جلوس ڇا ٿيو جو ڄڻ انسان ذات لاء مولا الڪريم پاران هدايت جو در کلي
پيو. ڇا حاڪم ته ڇا غلام، ڇا اعليٰ ڇا ادنيٰ، ڇا وڏيرو ته ڇا ڳوڏر، فيض جي
سڪ رکندڙ سو در واجهائي به جڏهن هت پهتا ته پوءِ سڀ رستا وسري وين ۽ هتان
جا ئي ٿي رهيا. سندن حُجرو هزارين ماڻهن سان هر وقت ڀريل رهندو هو جنهن ۾
هر طرح ۽ هر طبقي جا ماڻهو هئا. مگر سندن رواداري آڏو سڀ هڪ جهڙا ”ٻچا“
هئا. سڀني تي هڪ جهڙي ٻاجهه ڀري نظرهئي. سڀني لاء هڪ جهڙي ڳاڙهن چانورن جي
رٻ هئي ۽ سڀني لاءِ هڪڙو ئي درس هو جو اول به آهي ۽ آخر به، يعني اسم پاڪ
”الله“.
سندن مريدن ۽ معتقدن جو حلقو بلاشبه انهي دور ۾ به لکن ۾ هو
جنهن ۾ جتي علام شاهه ڪلهوڙو ۽ سندس جانشين سرفراز ڪلهوڙو ۽ انهن جا ٽالپر
جنرل هئا ته انهن ۾ شهيد شيخ علامه عبدالرحيم گرهوڙي رحه ۽ حضرت قاضي احمد
رحه قاضي القضاته سنڌ جهڙا اڪابر عالم به هئا. غلام مصطفيٰ شاهه لکوي ۽
غلام مهتديٰ شاهه لکوي جهڙا به پنهنجو نسبي فخر ڇڏي سندن مطيع ٿيا ته شاهه
ڀٽائي جهڙي مقبول عام هستي به ڪچهري لاء پنڌ ڪيو. :  ملاقات کانپوءِ شاهه صاحب
ته ائين به چوندو هو

سي مون ڏٺا ماء، جنين ڏٺو پرين کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

سندن
فيض سندن فيض يا فته هستين کان وري وڌيڪ پکڙ يو ۽ ستت ئي سندن مريدن جو
حلقو سنڌ، گجرات ۽ پنجاب کان ٽپي ويو. سندن رڳو هڪ خليفي حضرت قاضي احمد
رحه جي وسيلي اڄ به ننڍي کنڊ ۾ 360 کان وڌيڪ درگاهون ۽ خانقاهون آباد آهن.
سندن
وصال 4 ذوالقعد سنه 1188هه تي 63 ورهين جي ڄمار ۾ ٿيو. وصال کان اڳ پنهنجي
فرزند حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد قدس سره جن کي پنهنجو جانشين نامزد
فرمايائون. جن جي عمر انهيءَ وقت 11 ورهيه هئي. حاضرين منجهان ڪن اعتراض
اٿاريو ته هن ننڍي عمر ۾ حضرت جن ٻين کي ڪيئن فيض رسائي سگهندا. جنهن تي
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي رحه جن دليلن سان ثابت ڪري ٻڌايو ته طريقت جي ڪم ۾
عمر جي گهٽتئاي ڪا معنيٰ نٿي رکي. مولانا روم رحه به فرمايو آهي.

کرده ام بختِ جوان را نام پير، کو ز حق پير است نه به ايام پير،
او چنان پير است کش آغاز نيست، چنان دريتيم انباز نيست.

حضرت
محبوب الصمد خواجه گل محمد قدس سره، حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جي
جسد مبارڪ جي تدفين سندن حجري شريف ۾ ڪرائي ۽ پڻ روضه شريف جي تعمير ڪرائي.
جو اڄ درگاه لواري شريف جي نالي سان مرجع خلائق آهي.
حضرت سلطان
الاولياء قدس سره جن جي تعليم رواداري ۽ انسان ذات لاءِ بنا ڪنهن فرق جي
ڀلائي واري هئي. الله جو ذڪر لازمي هيو. فرمائيندا هئا ته ”هت ننڊون ڪرڻ
ڪون آيا آهيون“. ڪنهن ۾ ڪا طمع ڪون هين ۽ مريدن کي به اهڙو ئي بي غرض ڪري
ڇڏيندا هئا. مراقبي جي سخت تاڪيد ڪندا هئا. نذرانو ڪونه وٺندا هئا جو مشهور
تاريخدان مير علي شيرقانع به اهو لکڻ تي مجبور ٿي پيو ته ”باوجود بي
اسبابي جي سندن وڏو لنگر خانو هلندڙ آهي.“
سندن فرمان موجب سندن جاء
نشين سندن فرزند حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد قدس سره (11 ربيع الاول
1177هه – 27 ربيع الثاني 1218هه) جن سجاده نشين ٿيا. پاڻ وصال کان ڏينهن ٻه
اڳ پنهنجي فرزند حضرت غوث عالم خواجه محمد زمان ثاني قدس سره (رمضان
المبارڪ 1199هه – 17 صفر 1247هه) کي درگاه شريف جو ايندڙ سجاده نشين نامزد
فرمايائون. حضرت غوث عالم قدس سره جن پنهنجي حياتي ۾ ئي حضرت خواجه محمد
حسن مهاجر مدني قدس سره جن جي بيعت جو حڪم ڪري ڇڏيو هو. حضرت خواجه شاهه
مدني قدس سره (5 محرم الحرام 1235هه – 7 صفر 1298هه) کان پوءِ سندن فرمان
موجب سندن فرزند حضرت امام الاولياء خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي قدس سره (4
محرم الحرام 1264هه – 2 محرم الحرام 1324هه) جن سجاده نشين ٿيا. کانئن پوءِ
سندن فرمان مطابق سندن فرزند حضرت امام العارفين پير حاجي احمد زمان قدس
سره (16 ذوالحجه 1297هه – پهرين رجب 1357هه) جن سجاده نشين ٿيا.
حضرت
امام العارفين قدس سره جن جو دور پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ جي عروج وارو
دور هو. ان زماني ۾ انگريزن جي گزيٽ مطابق 15 کان 20 لک درگاه لواري شريف
جا مريد گڏيل هندوستان جي ڪاٺياوار، گجرات، ڪڇ، ڀڄ، بمبئي ۽ ٻين علائقن ۾
رهندڙ هئا. انهي دور ۾ ڪانگريسي ليڊر ۽ ڪانگريسي علماءَ ڪرام گڏجي حضرت
خواجه امام العارفين قدس سره جن وٽ آيا ۽ کين ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لاءِ
چيو. ڇو جو کين خبر هئي ته مسلمان جيڪي مسلم ليگ جي حمايت ڪندا ته اُهي
علائقا عليحده ڪيا ويندا. ان ڪري هنن کين ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو ته
جيئن اُهي علائقا عليحده نه ٿين. حضرت امام العارفين قدس سره  جن اهو چئي
سندن مطالبو رد ڪري ڇڏيو ته پاڻ مسلم ليگ جي حمايت ڪندا. ان ڪري ڪانگريسي
حڪومت ۽ سندس حمايتي علماءَ ڪرام درگاه شريف جا مخالف بنيا ۽ درگاه شريف ۽
ان جي سجاده نشين کي بدنام ڪرڻ لاءِ 9 ذوالحجه تي ٿيندڙ حضرت سلطان
الاولياء قدس سره جن جي مرشد حضرت خواجه ابوالمساڪين شيخ محمد ٺٽوي رحه جن
جي عرس واري اجتماع کي فرضي حج جو نالو ڏئي غلط پروپيگنڊا هلائي. سنڌ ۾
مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان کي نقصان رسائڻ لاءِ ڪانگريس ڏاڍو زور لاتو ته
جيئن سر غلام حسين هدايت الله جي مسلم ليگي حڪومت کي بي دخل ڪري سگهجي. هنن
ستيه گره شروع ڪرايو ۽ سر غلام حسين هدايت الله تي هن اجتماع تي بندش وجهڻ
لاءِ زور ڀريو پر هن صاف انڪار ڪيو. حضرت خواجه احمد زمان قدس سره
وزيراعليٰ سنڌ جي چوڻ تي هڪ ترديدي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ۽
پنهنجي جماعت جي عقيدن کي واضح ڪندي فرمايائون ته اسين توحيد کي ايمان جو
رڪن اول سمجهون ٿا ۽ حضور نبي ڪريم صلعم کي نبي آخرالزمان مڃون ٿا. روزه
نماز، حج، زڪوات ۽ ٻين ارڪان اسلام تي يقين رکون ٿا. اسان جو طريقو
نقشبنديه عاليه آهي. منهنجي والد ۽ جد امجد ٻنهي ڇهه ڇهه ڀيرا حج بيت الله
جا ادا ڪيا ۽ مکه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ هنن جو وصال ٿيو ۽ هو اتي ئي مدفون
آهن. الحمدالله مان به ٽي ڀيرا حج عرفات سان مشرف ٿي چڪو آهيان. ”لواري
شريف ۾ ڪوئي ڪم خلاف شريعت نه پهرين ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نه آئنده ڪڏهن ٿيندو“.
1938ع ۾ سنڌ ۾ ڪانگريسي حڪومت اچڻ تي ان متبرڪ اجتماع تي نقلي حج جو الزام
مڙهي بندش لڳائي وئي جا اڄ تائين هلندي پئي اچي. حالانڪه اهو متبرڪ اجتماع
حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جي وقت کان وٺي باقاعده درگاه عاليه لواري
شريف تي ملهايو پي آيو.
حضرت امام العارفين قدس سره جن پنهنجي حياتي
مبارڪ ۾ ئي پنهنجي فرزند حضرت پير بادشاه پير گل حسن قدس سره (13 شعبان
1327هه – 27 ذوالقعد مبارڪ 1402هه) جن کي پنهنجو جانشين نامزد فرمايو ۽
سندن وصال بعد حضرت پير بادشاهه پير گل حسن قدس سره جن درگاه عاليه لُواري
شريف جا سجاده نشين ٿيا. حضرت پير بادشاهه قدس سره جن پنهنجي وفات کان چار
سال اڳ پنهنجي خليفه حضرت راحمي بادشاهه پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره
(14 شعبان 1348هه – 18 جمادي الثاني 1415هه)، سجاده نشين درگاه حضرت قاضي
احمد رحه، جن کي تحريري وصيت ذريعه درگاه لُواري شريف جو ايندڙ سجاده نشين
نامزد فرمايو. حضرت راحمي بادشاهه قدس سره جن هڪ تحريري حڪم نامي تحت
پنهنجي فرزند حضرت پير محمد صادق مدظله العالي جن کي درگاه لُواري شريف ۽
درگاه حضرت قاضي احمد رحه جو ايندڙ سجاده نشين نامزد فرمايو جيڪي هن وقت
سائين سلطان اوليا قدس سره جن جي مسند ارشاد تي جلوه افروز آهن.
حضرت
پير محمد صادق قريشي جن جي ولادت باسعادت 24 رجب 1399هه تي قاضي احمد، ضلع
نوابشاهه ۾ ٿي. کين تعليم جو پهريون درس والد سڳورن کان مليو. پر بعد ۾
دنياوي تعليم قاضي احمد اسڪول ۾ ورتائون. اتان پوءِ حضرت راحمي بادشاهه قدس
سره جن کين اعليٰ تعليم لاءِ اسلام آباد اماڻيو، جتان پاڻ بي اي پاس
ڪيائون. سندن روحاني تربيت حضرت راحمي بادشاهه قدس سره جن فرمائي.
حضرت
پير محمد صادق قريشي اڄ به پنهنجن وڏن جي انهي روحاني مشن کي جاري و ساري
رکيو ٿا اچن ۽ حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جي تعليمات جي پرچار ۾ رڌل
آهن. گڏو گڏ بدلجندڙ دنيوي حالتن تحت پاڻ پنهنجن مريدن کي هر فيلڊ ۾ اڳتي
وڌڻ لاءِ همٿائيندا آهن. پاڻ تاڪيد ڪندا آهن ته انسان لاءِ الله کان غافل
ٿيڻ ته موت آهي پر اڄڪلهه جي دور ۾ دنيا کان منهن موڙڻ به مڙسي ڪونهي. سندن
سڀني مريدن کي اهو تاڪيد آهي ته پنهنجي اولاد کي وڌ مان وڌ تعليم ڏيارين –
خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻو زور اٿن. پاڻ فرسوده ۽ اڍنگن ريتن ۽
رسمن توڙي وهمن ۽ وسوسن مان جند ڇڏائي ۽ دنيوي ترقي ڪري سڌريل دور سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ به تاڪيد ڪندا آهن

facebook
]]>
Hazrat Pir Muhammad Sadiq Qureshi http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ Fri, 28 Nov 2014 09:54:32 +0000 http://www.luarisharif.com/demo/?p=308
Dargah Aalia Luari Sharif

Hazrat Pir Muhammad Sadiq
Qureshi is the present Sajjadah Nashin of Dargah Luari Sharif. He was born on
Rajab 24, 1399 AH or June 20, 1979 AD. He has got his early education from his
father Hazrat Rahimee Badshah (Q) and later schooled in prestigious
institutions in his native town Qazi Ahmad and then in Islamabad (the capital
of Pakistan).

Hazrat Pir Muhammad Sadiq
Qureshi became the 9th Sajjadah Nashin of Dargah Luari Sharif and
the 11th Sajjadah Nashin of Dargah Hazrat Qazi Ahmad (RA) after the
passing of his reverend father, Hazrat Rahimee Badshah (Q), in 1995.

Since then, Hazrat Pir
Muhammad Sadiq Qureshi is engaged in the furthering the sacred mission of his
elders, preaching and propagating the universal message of peace and
spiritualism of Hazrat Sultan-ul-Aulia (Q).

Hazrat Pir Muhammad Sadiq
Qureshi has the great desire for the betterment of the followers of Luari
Sharif and as the leader of the Jamait, he is supporting the worldly progress
of the followers of Dargah Luari Sharif. He encourages his followers to educate
their children, especially girls, and shun superstitious traditions for their
advancement in life.

As part of his efforts for
bringing in modernisation and moderation in the Jamait Luari Sharif, he also
stresses on social equality among the members of the Jamaat, whereby
discouraging unnecessary extravgant lifestyle like expensive weddings or huge
dowry etc. He admonishes the Jamaat to live within means and support each other
to lead the best way of life in accordance with the Holy Quran and the Sunnah.

He is also running many
welfare organisations in various capacities, which are serving not only the Jamait
Luari Sharif but also the general public at large. The services rendered by the
organizations and NGOs such as Pir Gul Hassan Shah Trust, Hazrat
Sultan-ul-Oliya Foundation and the Nishat Welfare Organisation, are recognised
not only nationally but internationally also.

facebook
]]>
Lorem ipsum http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ Fri, 28 Nov 2014 09:54:31 +0000 http://www.luarisharif.com/demo/?p=307
an-image

Heading 1

Heading 2

Heading 3

Heading 4

Heading 5
Heading 6

Lorem dolor amet, consectetuer adipiscing elit. Nullam dignissim convallis est. Quisque aliquam. cite. Nunc iaculis suscipit dui. Nam sit amet sem. Aliquam libero nisi, imperdiet at, tincidunt nec, gravida vehicula, nisl.

“This stylesheet is going to help so freaking much.”

-Blockquote

  • List Item 1
  • List Item 2
  • List Item 3
Header Header Header
Data Data Data
Data Data Data
Data Data Data

Accordion Item 1 Title

Accordion item 1 content goes here.

Accordion Item 2 Title

Accordion item 2 content goes here.

Accordion Item 3 Title

Accordion item 3 content goes here.

facebook
]]>
Advertisement http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/#respond Thu, 15 May 2014 07:38:06 +0000 http://jkreativ.jegtheme.com/import/?p=213 facebook]]> http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/feed/ 0 Wedding Jam Soundcloud http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/#respond Thu, 15 May 2014 07:35:46 +0000 http://jkreativ.jegtheme.com/import/?p=211 Vero velit explicari cu pro. Natum epicuri invidunt mei an. Meliore offendit eos no, et natum laudem periculis duo, ad ius dico platonem patrioque. Duis veniam pri ex, accumsan scaevola indoctum sed ei. Ad sea vero augue conclusionemque, sit eu hinc commodo. Et aliquam nostrum pro, pri dicunt scribentur at, ex nec nihil percipit.

Sed labores accumsan ne, pri an timeam suavitate vituperata, adhuc mentitum liberavisse ut ius. Facer laoreet omittantur id mei, mel id dolores albucius gloriatur. Usu ne modus mediocrem conceptam, ut mei esse cotidieque. No quando docendi pertinacia eum, nam magna theophrastus ut. Quo eros mazim vivendo ut, at pri laboramus interesset, eligendi mediocritatem at vel.

Qui te ferri labore, viderer ancillae voluptua cu sea, vis no assum mucius commodo. Eum te probatus mandamus. Eum ea vero posse, has simul viris iudico ne. Ius tibique accumsan cotidieque ut, vel dolor omnium consequat ex, et graeco graecis sea. Eu qui ceteros perpetua, cum nibh legere forensibus ei. Cum veri delenit eu.

facebook
]]>
http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/feed/ 0
Janice Lacey Soundcloud Music http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/#respond Thu, 15 May 2014 07:34:20 +0000 http://jkreativ.jegtheme.com/import/?p=209 Modus voluptaria ad mel. Sea ne legere reformidans disputationi, dicta tincidunt conclusionemque cu vim. Placerat luptatum lucilius id mea. Pro id soluta consetetur, te cum melius senserit signiferumque.

Eu tale doming inciderint eum, agam putant persecuti id vim. Ea velit postulant mei, pro ad docendi fastidii vituperata. Id brute meliore has. Rebum paulo denique sit ne. Aliquid insolens ad cum, doctus vidisse labitur mei an. Rebum incorrupte accommodare ea vis. Eos ad omnis copiosae perfecto, vim eu prompta aliquid voluptua.

Quo movet sadipscing id. Id eum dolore hendrerit rationibus. Mel an duis ubique eleifend. Fugit ubique labitur ne pro, sit ad dicat doming.

Sonet congue volutpat vis id, albucius copiosae mel ne. Et ius alia probo complectitur. Ex vel mundi populo recusabo, in quodsi tritani tamquam est. Brute praesent vel ei, nobis ponderum at nam. Reformidans mediocritatem te sea, ut cum iusto corpora percipit. Veri argumentum disputationi vel eu. At pri dicant ornatus corrumpit, te mea liber sonet perfecto, unum postea deleniti ius no.

At graeci vidisse appellantur ius, sed dolorem nominavi accommodare no. Te doming aliquid prodesset nam. Populo lucilius has at. Est eripuit complectitur conclusionemque no, scripta quaerendum no qui. Bonorum consequat et nec, dictas mentitum pri te.

Erroribus intellegat disputando ut sea. Ea nec euismod intellegebat. No qui docendi quaestio, commune invidunt nec ex, sint habemus disputationi id vix. Vix an ipsum albucius. Quo ea torquatos comprehensam.

facebook
]]>
http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/feed/ 0
Vimeo wedding video – Shani & Geva http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/#respond Thu, 15 May 2014 07:32:23 +0000 http://jkreativ.jegtheme.com/import/?p=207 Ad usu perfecto forensibus assueverit. Insolens invenire in mel. Epicurei fabellas ei sit, ex mea dicunt impedit aliquando. Idque numquam quaerendum ne eos.

Has id discere euripidis intellegebat. Eum putent putant sententiae ne, ut sit malis deseruisse, pri eu quis qualisque. At vim nobis imperdiet euripidis, vocent percipit in nec. In meis iracundia quo, commodo accusam qui id, ad facilis incorrupte vim. Te sumo liber saepe vim, vel in augue alterum qualisque. Cu ullum veritus neglegentur has, eu mel eius imperdiet.

Idque placerat argumentum in qui. His aliquam iracundia id, ponderum reprehendunt pro ei. Mea idque essent ei, ei his nisl constituto, agam choro splendide ex vel. Elitr tantas aliquid eam in, has ea mentitum qualisque. Ius cu mandamus deseruisse comprehensam, eam at falli pericula, et vix sint dolores temporibus. Te quo duis singulis democritum, usu errem nostrum elaboraret cu, prima populo conceptam cum at.

Ut urbanitas argumentum reformidans vim. Vim nemore fierent eligendi at. Eius iusto signiferumque nec at. No vel natum inermis, ad nam dicant dignissim.

Affert mediocrem constituto at has, agam justo eum ne. Ei pro wisi vidit habeo. Te cum modus detracto. Verterem insolens accusamus id cum, affert aliquid postulant sed cu, no eam dico primis reformidans.

facebook
]]>
http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/feed/ 0
Vimeo Wedding Video – Alex & Fernanda http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/ http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/#respond Thu, 15 May 2014 07:31:06 +0000 http://jkreativ.jegtheme.com/import/?p=205 Id sed natum possim dissentiet, his malis oratio malorum cu, partem habemus inimicus te his. Vis cu modo meis indoctum, in mea commodo delectus volutpat. Eu minim invidunt sit. Cum mucius docendi no, ut mea atqui ignota feugait, eu rebum philosophia interpretaris cum. Verterem adipiscing sed ad, id vix partiendo periculis.

Per ex quot electram ullamcorper. Quo ea mucius aliquip invenire, dolore verterem no mei, eos ut dicunt dolorum. No quo aperiri voluptatum. Mea no velit error, eum utamur quaerendum ad.

Has solum aliquid percipitur ne, sea te purto aeque, ei eum persecuti adipiscing. Vix cu agam indoctum reformidans. Vel errem commune ei. Nam eu verterem menandri neglegentur, his homero lobortis cu, te vel prompta eripuit copiosae.

Ius sale mazim id. Has graeci quaeque in. Iriure maiestatis mel eu. No tation civibus mnesarchum qui, quo ut viris veritus tibique.

Ut error utamur eleifend duo, cu has autem sadipscing scribentur, ei duo propriae suscipit voluptatum. Has odio esse moderatius no. Pro percipit dissentiet comprehensam eu. Putant commune ea est.

Nisl dicta instructior duo te. Et est nonumy essent commodo, ut mutat partem sadipscing vim. His ad atqui vitae possim. Quo elitr nihil evertitur ut, te accusam constituam mel. Modo melius utroque quo eu, mei no dicant cotidieque.

facebook
]]>
http://www.luarisharif.com/http:/www.luarisharif.com/feed/ 0